مرتضيٰ وهاب 2015 ۾ عملي سياست ۾ قدم رکيو، اهم عهدا ماڻڻ ۾ ڪامياب

جُون 15, 2023

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانديو) ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو نئون چونڊيل ميئر مرتضيٰ وهاب 8 سالن جي مختصر سياسي ڪيريئر ۾ ڪيترن ئي پراڻن ۽ سينئر ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪي اهم عهدا ماڻڻ ۾ ڪامياب رهيو

مرتضيٰ وهاب 25 ڊسمبر 1983 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، سندس والد وهاب صديقي صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو جڏهن ته والدا فوزيه وهاب پيپلز پارٽي  جي سرگرم ڪارڪن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر پڻ رهي

مرتضيٰ وهاب گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج ڪراچي مان ڪامرس جي ڊگري ماڻڻ بعد يونيورسٽي آف لنڊن مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي

والدا جي وفات بعد هن 2015 ۾ عملي سياست ۾ قدم رکيو  پ پ سندس صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي 2015 ۾ کيس وڏي وزير جو قانون بابت مشير مقرر ڪيو جنهن بعد 2016 ۾ هو اينٽي ڪرپشن جو مشير بڻيو

مرتضيٰ وهاب 2017 ۾ سينيٽر ۽ 2018 ۾ ٻيهر قانون ۽ اينٽي ڪرپشن جو مشير بڻيو، کيس اطلاعات کاتي جو قلمدان به ڏنو ويو

نئين چونديل ميئر 2019 ۾  موسمياتي تبديلي، ماحوليات، ڪوسٽل ڊولپمينٽ جو مشير ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان جا اهم عهدا پڻ ماڻيا

مرتضيٰ وهاب کي 2021 ۾ هڪ ئي وقت ايڊمنسٽريٽر  ڪراچي، مشير قانون ۽ سنڌ حڪومت جو ترجمان مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 2018 ۾ هو ڪراچي جي صوبائي تڪ پي ايس 111 تان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ پڻ وڙهيو پر پي ٽي آءِ جي عمران اسماعيل کيس 18 هزار ووٽن تان شڪست ڏني

اڳواڻن جي خدشن باوجود پ پ جي قيادت مٿس اعتماد ڪندي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر لاءِ اميدوار نامزد ڪيو سندس نامزدگي جو اعلان چيئرمين بلاول ڀٽو ڪيو هو

Leave A Comment