ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ ( ش ڀ) جي باني چيئرمين شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ 20 پوليس آفيسرن جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي
ان ڏس ۾ 2010ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدارن جي بريت خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، جيڪا عدالت 3 ھفتا اڳ منظور ڪندي ڪيس 19 سيپٽمبر لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو ھو
سڀاڻي جسٽس نعمت اللھ ڦلپوٽو جي سربراھي ۾ ٻھ رڪني بينچ ۾ درخواستگذار طرفان پيرل مجيداڻو، ظهير سومرو ۽ سجاد عباسي پيش ٿيندا، گذريل ٻڌڻي تي وڪيلن جي پينل فريادي نور محمد گوگا طرفان وڪالت نامو پڻ جمع ڪرايو هو
واضح رھي ته 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي ڪراچي ۾سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ھو، جڏھن تھ ڊسمبر 2009 ع ۾ ماتحت عدالت تڏهوڪي ايس ايس پي واجد دراني، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي (ان وقت جي ايس پي) پوليس شاهد حيات سميت 20 پوليس آفيسرن کي آزاد ڪري ڇڏيو ھو
ساڳئي عدالت آءِ بي جي اڳوڻي چيف مسعود شريف ۽ اڳوڻي ڊي آءِ جي پوليس شعيب سڊل کي به بري ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي مک جوابدار انسپيڪٽر حق نواز سيال پڻ مبينھ طور خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي