| مردن کي ڇڪا هڻندڙ “مهڪ پنڊي واري” اي آءِ گرل نڪتي |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ ڇوڪريءَ جي ٽيپ بال ڪرڪيٽ کيڏندي ڇڪا هڻڻ واري وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کي واهپيدار ”مهڪ پنڊي واري“ جي نالي سان شيئر ڪري رهيا آهن. وڊيو ۾ ڇوڪريءَ کي مردن جي ٽيپ بال ڪرڪيٽ ميچ ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي ۽ وڏا وڏا ڇڪا هڻندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن کيس غيرمعمولي ڪرڪيٽ ٽيلنٽ قرار ڏنو. پر فيڪٽ چيڪ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ”مهڪ پنڊي واري“ جي نالي سان وائرل ٿيندڙ وڊيو حقيقي نه، پر هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) ذريعي تيار ۽ ڊجيٽل طريقي سان تبديل ڪيل آهي. هي وڊيو 18 آگسٽ 2026ع کان مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي گردش ڪري رهي آهي.ڪروڙين ماڻهو اهڙي وڊيو کي ڏسي چڪا آهن. اصل وڊيو مان حقيقت سامهون اچي وئي، فيڪٽ چيڪ ذريعي پتو لڳايو ويو ته 2 آگسٽ 2026ع تي ”ٽيپ بال وائيس“ نالي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيل اصل وڊيو ۾ ساڳي پِچ، وڪيٽ ڪيپر، ٻيا بيٽر، روشني ۽ ٻيا منظر موجود آهن، جيڪي وائرل وڊيو ۾ نظر اچن ٿا، پر اصل وڊيو ۾ ڪريز تي موجود بيٽر ڇوڪري نه، پر ڇوڪرو هو. ان کانپوءِ اصل بيٽر کي ڊجيٽل طريقي سان تبديل ڪري ان جي جاءِ تي ڇوڪريءَ جو چهرو ۽ جسم ڏيکاريو ويو، جنهن کانپوءِ وڊيو ”مهڪ پنڊي واري“ جي نالي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.