لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪاره ثمينه احمد پاڪستاني چينلز پاران سس ۽ ننهن جي موضوعن تي ٺهندڙ ڊرامن جي حمايت ڪئي آهي. هڪ انٽرويو ۾ ثمينه احمد چيو ته ڪيترائي ماڻهو اسان تي تنقيد ڪنداآهن ته اوهان وٽ ڪهڙي قسم جا ڊراما ٺاهيا پيا وڃن؟ رڳو سس ۽ ننهن جي موضوع تي ئي ڊراما ڇو پيا ٺاهن؟ اداڪاره چيو ته ڊرامن تي تنقيد ڪندڙ اهي ماڻهو مرد ئي آهن، اهي ڊراما به نه ٿا ڏسن، انهي باوجود چئي رهيا آهن ته عورتن جي مسئلن تي ڊراما ڇو ٺاهيا پيا وڃن؟ هن چيو ته هر شيءِ جا ٻه پاسا هوندا آهن، منهنجي خيال ۾ ڊرامن عورتن کي حق ڏيارڻ ۽ کين بااختيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي، هاڻي ڪيتريون ئي عورتون اداڪاري طرف اچي رهيون آهن، ثمينه احمد وڌيڪ چيو ته ڊراما اسان جي زندگين جون ڪهاڻيون آهن، ڊرامن ۾ ڏيکاريل هر شيءِ اسان جي گهرن ۾ پڻ ٿي رهي آهي.