مرد ٻي شادي کانپوءِ ڏچي ۾ هوندو آهي: علي طاهر

مرد ٻي شادي کانپوءِ ڏچي ۾ هوندو آهي: علي طاهر

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر  اداڪار علي طاهر چيو آهي ته مرد ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ ڏچي ۾ اچي ويندو آهي، تازو اداڪار علي طاهر هڪ خانگي ٽي وي چينل جي هڪ مارننگ شو ۾ حصو ورتو، جتي ميزبان ٻي شادي تي بحث ڪيو. علي طاهر چيو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان بنيادي ڳالهين کي وساري ڇڏيندا آهيون  اسلام ۾ 4 شادين جي اجازت آهي، اهي هڪ خاص صورتحال ۾ ٿي سگهن ٿيون، جهڙوڪ ٻنهي زالن سان برابري جو سلوڪ ڪرڻ، جيڪو اسان لاءِ ڏکيو آهي،. هن چيو ته ٻي شادي هڪ حساس معاملو آهي، جيڪڏهن اهو زال ۽ مڙس ٻنهي جي رضامندي سان ڪيو وڃي ته پوءِ اهو سمجھ ۾ اچي ٿو، ٻي صورت ۾ علحدگي شايد هڪ سٺو رستو آهي. علي طاهر وڌيڪ چيو ته هڪ مرد جي زندگي ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ به مشڪل ٿي ويندي آهي،