مرد ڪم ۾ هٿ نٿا ونڊائين: عورتن پاران ضلعي سطح تي ڪاميٽيون جوڙڻ جو فيصلو

آگسٽ 18, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورتن چيو آهي ته مرد گهر جي ڪم ۾ هٿ نٿا ونڊائين، ڪراچي ۾ مڪاني ادارن اندر عورتن جي مسئلن ۽ ڪردار بابت سيمينار ٿيو

سائينا علي چيو ته ملڪ ۾ روايتي سياست جي ڪري مسئلا حل ٿيڻ ۾ ڏکيائي آھي، عورتن جي مسئلن کي اھميت نٿي ڏني وڃي

هن چيو ته مخصوص سيٽن تي مڪاني ادارن ۾ موجود عورتن کي پارٽين سيٽ ڏئي ڄڻ احسان ڪيو آهي، نوڪري پيشي واريون عورتون پنهنجي ڊيوٽي سان گڏ گھر جو ڪم ڪار ۽ ٻارن جي سنڀار به ڪن ٿيون پر مرد گھر جي ڪمن ۾ ھٿ نٿا ونڊائين

هن چيو ته گيس نٿو اچي، عورت ڀوڳي ٿي، پاڻي نٿو اچي يا گھٽي ۾ گندو پاڻي بيھي ٿو ته انھي جو به اثر عورتن تي پوي ٿو پر ڪو به سنجيدگي سان سوچي نٿو

سيمينار ۾ ڪورنگي جي مختلف علائقن جي رھواسي عورتن ۽ عورت ڪائونسلرز شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ موجود عورتن پاران ضلعي  سطحي تي ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار