مرزا فيملي جا فارم رد ڪرڻ خلاف اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

جنوري 4, 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل مرزا فيملي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ٽربيونل طرفان 8 جنوري تي ڌرين کان جواب ۽ اعتراض طلب ڪيا ويا، بدين جي ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تان ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، حسنين مرزا ۽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا هئا

مرزا فيملي جي اميدوارن تي بينڪ جو باقيدار هئڻ جي الزامن کي جواز ڄاڻائي نامزدگي  ڪاغذ رد ڪيا ويا

 گذريل ڏينهن حسنين مرزا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، فارم بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

Leave A Comment