مرسون مرسون ڪئنال ٺهڻ نه ڏيسون: سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور: اسان کي آپگهاتي بمبار بڻائڻ تي مجبور نه ڪريو: پيپلز پارٽي

مارچ 14, 2025

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران پيش ڪيل ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرن به ٺهراءُ جي حمايت ڪري ڇڏي، پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز جو چوڻ آهي ته پاڻي تي اسين خودڪش بمبار نه بڻجي وڃون، پاڻي معاملي تي هر صوبو دانهن ڪري ٿو، خاموش نه ويهنداسين، سنڌ کي ننڌڻڪو نه سمجھيو وڃي، ڪينال نه ٺهيا آهن نه ٺهڻ ڏينداسين، سنڌ جي بقا خطري ۾ آهي، گڏجي ويڙهه ڪرڻي پوندي، چيو پيو وڃي ته چولستان جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پنجاب مان پاڻي کڻنداسين، اسان کي بيوقوف ٺاهيو پيو وڃي، اسٽبلشمينٽ زمينون آباد ڪرڻ چاهي ٿي، پاڻي وٺڻو به اٿئو ته ڀارت سان وڙهي وڃي وٺو، جنهن کي درياءَ کپايا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته سنڌ کي چولستان ڪينال تي سخت اعتراض آهي، چولستان ڪينال خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ويا آهيون جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ جو موقف نه ٻڌو ويو ته سنڌ پنهنجو ڪيس گڏيل پارليامينٽ ۾ کڻي ويندي، جتي بلاول ڀٽو زرداري موجود آهي، سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڪينال اڏڻ نه ڏينداسين، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران پيش ڪيل ٺهراءُ جي ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد ميمبرن توڙي پيپلز پارٽي جي ميمبرن پاران مڪمل حمايت ڪئي وئي، جنهن بعد ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. وڏي وزير پاران ٺهراءُ ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌو درياھ سنڌ جي زراعت ۽ معيشت لاءِ ريڙهه جي حيثيت رکي ٿو، 91ع واري پاڻي ٺاھ تحت پاڻي جي ورهاست ضروري آهي، معاهدي موجب وڌيڪ ڪينال نه ٿا ٺاهي سگھجن، وڌيڪ 6 ڪينال ٺهڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي. جنهن سبب انڊس ڊيلٽا سخت متاثر ٿيندي، ان موقعي تي ٺهراءُ تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪينال ٺاهڻ واري منصوبي جي منظوري ناهي ڏني، مخالف ڌر وارا اجائي تنقيد ڪري رهياآهن، ڪالاباغ ڊيم هجي يا چشما جهلم لنڪ ڪينال پيپلزپارٽي هر دور ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهيو آهي، وڏي وزير چيو ته چولستان ڪينال تي مخالف ڌر ۽ سوشل ميڊيا تي شوشو ڇڏيو پيو وڃي ته ڪم شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڪي فور رٿا جي ڪلري بگار فيڊر جا فوٽيج ڏيکاريا پيا وڃن، هن چيو ته پنجاب سرڪار پاران هن رٿا لاءِ بجيٽ ۾ 10 لک رپيا رکيا ويا آهن پر اڃا تائين چولستان ڪينال جي فزيبلٽي اسٽڊي به تيار نه ٿي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ريڻي ڪينال ۽ ٿل ڪينال ڪڍڻا آهن ، پر سسٽم ۾ پاڻي ئي ڪونهي ان ڪري سنڌ اهي ڪينال نه ڪڍندي، هن چيو ته ڪڇي ڪينال به پراڻو ڪينال آهي جنهن جي مرمت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ماڻهن جو انهن دريائن تي حق آهي. ۽ هن وڌيڪ چيو ته صدين کان دريائن جي ڪنارن تي آباد ماڻهن جي اجازت کان بغير پاڻي نه ٿو وٺي سگھجي. هن چيو ته 1945 جي سنڌ-پنجاب وچ ۾ پاڻي جا معاهدا ٿيا، هن معاهدي تحت پنجاب جي ڪينالن کي پاڻي جو هڪ مقرر حصو رکيو ويو هو جڏهن ته ڪوبه اضافي پاڻي پنجند سسٽم ذريعي سنڌ ڏانهن نه موڪليو ويندو هو جڏهن ته هن خدشو ظاهر ڪيو ته سسٽم ۾ موجود پاڻي وڌڻ بدران گهٽجي رهيو آهي جيڪو سنڌ جي حصي تي منفي اثر وجهي رهيو آهي. وڏي وزير اهو پڻ اشارو ڪيو ته سنڌ جي آبادي تاريخي طور تي پنجاب جي آبادي کان چار ڀيرا وڌيڪ آهي جنهن جي 80 سيڪڙو شهري زراعت تي دارومدار رکن ٿا. هن سوال ڪيو ته سنڌ ڇو خاموش رهي جڏهن ته نوان ڪينال منصوبا اڳ ۾ ئي گهٽجندڙ پاڻي جي فراهمي کي خطرو قرار ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب جي زرخيز زمينن مان پاڻي ڪڍي چولستان ڏانهن موڙيو ويندو ۽ ان تي اسان کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. هن پڇيو ته ڇا پنجاب پنهنجي سڀ کان وڌيڪ پيداواري علائقن جهڙوڪ چچ ۽ رچنا دوآب کي سڪائڻ ڏيندو ته جيئن ريگستان کي سيراب ڪري سگهجي. مراد علي شاهه ورجايو ته سنڌ هميشه پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ اڳتي به ڪندو رهندو. هن اسيمبلي کي ياد ڏياريو ته سنڌ جي ماضي جي اعتراضن سبب ڪيترائي ڪميشن ٺهيا ۽ آخرڪار سنڌ-پنجاب معاهدو ٿيو جنهن پاڻي جي ورڇ لاءِ واضح هدايتون مقرر ڪيون. پاڻي جي کوٽ تي وڌندڙ خدشن سان گڏ وڏي وزير سڀني لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اهي تاريخي معاهدن کي برقرار رکن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي حقن کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائين. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته پاڻي بابت ٺهراءُ جي جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، ۽ ايم ڪيو ايم پاران ڪيل حمايت خوشي جي ڳالهه آهي، سنڌ اسيمبلي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. پاڪستان ٺاهڻ جو ڪريڊٽ سنڌ صوبي کي وڃي ٿو، ڇو ته سڀ کان پهريان هتي پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي وئي هئي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪنهن به وڏي منصوبي کان اڳ فيزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي ويندي آهي ۽ ڪنهن به هڪ علائقي جي فائدي کي سڀني جي فائدي سان مشروط نه ٿو ڪري سگهجي. پاڪستان هڪ جسم وانگر آهي جيڪڏهن ڪنهن هڪ حصي کي تڪليف ٿيندي ته سڄو ملڪ ان جو اثر محسوس ڪندو. پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ ان وفاق جي سڀ کان وڏي محافظ پاڪستان پيپلز پارٽي رهي آهي، هن  چيو ته مشڪل حالتن ۾ به صدر آصف علي زرداري “پاڪستان کپي” جو نعرو هنيو ۽ پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان جي سالميت کي اوليت ڏني آهي. هن چيو ته پاڻي جو مسئلو رڳو پاڻي جي فراهمي تائين محدود ناهي، بلڪه اهو انساني زندگي لاءِ آڪسيجن جيان ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو آڪسيجن بند ڪيو ويندو ته اهو احتجاج ڪندو ۽ ساڳيو حال سنڌ جو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٿر ۾ سوڪهڙو ٿيندو هو ته ماڻهو ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا هئا، پر جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو ته ماڻهو ڪٿي ويندا؟ هن چيو ته پوري پاڪستان جو آخري ڇيڙو ڪراچي آهي ۽ جيڪڏهن دريائن ۾ پاڻي نه هوندو ته ڪراچي ۾ پاڻي ڪٿان ايندو؟ هي رڳو پاڻي جو مسئلو ناهي، پر بقا جو سوال آهي. هن عالمي بينڪ جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته 2025 ۾ پاڻي جو شديد بحران هوندو، جنهن سبب خوراڪ ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگھي ٿي. 2021ع جي عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ پڻ واضح ڪيو ويو هو ته 2025ع ۾ صوبن جي وچ ۾ پاڻي جا تڪرار پيدا ٿيندا. شرجيل انعام ميمڻ سوال اٿاريو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ رپورٽ اڳواٽ ئي اڳڪٿي ڪري ته 2025ع ۾ صوبن جي وچ ۾ تڪرار ٿيندا؟ هن چيو ته وڏي وزير جا خط، ارسا جون گڏجاڻيون ۽ ٻيا شاهد ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته سنڌ حڪومت هميشه جاڳندي رهي آهي ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڪڏهن به غفلت نه ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري هميشه لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي منصوبي کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ جي حق ۾ قدم کنيا. هن چيو ته سانگهڙ ۾ مشرف جي دور حڪومت ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي هئي، ۽ اڄ اهي ئي ماڻهو روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن. انهن ماڻهن اقتدار لاءِ سنڌ جي پاڻي تي سوديبازي ڪئي ۽ انهن مان هڪ شخص کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو، جنهن ماضي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ مهم هلائي هئي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن جلال محمود شاهه ڊپٽي اسپيڪر هو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالا باغ ڊيم خلاف قرارداد پيش ڪئي پئي وئي ته هو اسيمبلي جون بتيون بند ڪري هليو ويو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماضي ۾ فنڪشنل ليگ ۽ نيشنل پيپلزپارٽي اقتدار لاءِ سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي حمايت جي عيوض لياقت جتوئي کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو، جيڪڏهن هنن کي اقتدار ڏنو وڃي ته هي سنڌ کپائڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته مرسون مرسون پر سنڌ دا پاڻي نه ڏيسون، هن چيو ته تڪراري ڪينال ڪڍي پنجاب وفاق ۽ سنڌ ۾ ويڇا وجهڻ چاهي ٿو، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته اسان ڪو واڌو ڪئنال سنڌو تي ڪڍڻ قبول نه ڪنداسين،  پاڻي وڌي نه پيو بلڪه گهٽ ٿي رهيو آهي،  ٻڌايو پيو وڃي ته هي سال ڏڪار جو آهي. ويڇا نه وڌايا وڃن، گڏ جيئن ۽ مرڻ چاهيون ٿا سنڌ به وفاق جو حصو آهي، پاڪستان آهي ته اسين آهيون، وفاق قائم رکڻو آهي ته سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. ايئن نه ٿئي جو سنڌ پاڪستان جي مخالفت ۾ وڃي. اها ڪٿان جي عقلمندي آهي جو واري ۾ پوکائي ٿا ڪيو ۽ اها ڪٿان جي عقلمندي آهي جو سسٽم ۾ پاڻي ناهي ته آخر ڇو اهڙا ڪم ڪيون پيا. پيپلز پارٽي ايم پي اي سردار چانڊيو چيو ته پاڻي تي اسين خودڪش بمبار نه بڻجي وڃون، پاڻي معاملي تي هر صوبو دانهن ڪري ٿو، قرارداد منظور ڪري به خاموش نه ويهنداسين، سنڌ کي ننڌڻڪو نه سمجھيو وڃي، ڪينال نه ٺهيا آهن نه ٺهڻ ڏينداسين، آخري حد تائين وينداسين، پيپلز پارٽي ايم پي اي مير نادر مگسي چيو ته سنڌ جي بقا خطري ۾ آهي، گڏجي ويڙهه ڪرڻي پوندي، چيو پيو وڃي ته چولستان جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پنجاب مان پاڻي کڻنداسين، اسان کي بيوقوف ٺاهيو پيو وڃي، اسان وٽ پاڻي جو اڳ ئي مسئلو آهي، پ پ ايم پي اي نادر مگسي چيو ته پاڻي اسان جو جياپو آهي جيڪڏهن پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو ته ان جو نتيجو سٺو نه نڪرندو جيڪا ڳالهه پنجاب کي شايد سمجهه ۾ نه ٿي اچي. اسٽبلشمينٽ زمينون آباد ڪرڻ چاهي ٿي، گرين پاڪستان جو نالو آهي، پر اسٽبلشمينٽ وارا زمينون آباد ڪري ڦٻائيندا. اهو ڪٿان انصاف آهي ته سنڌ جون آباد زمينون بنجر بڻائي چولستان جون غيرآباد زمينون آباد ڪندا، پاڻي وٺڻو به اٿئو ته ڀارت سان وڙهي وڃي وٺو، جنهن کي درياءَ کپايا ويا. سردار شاهه خطاب ڪندي چيو ته دنيا جون سموريون تهذيبون درياهن جي ڪناري ٺھيون، سنڌو درياءَ کي زنجيرون هڻي اتي پهچايو ويو آهي جو هاڻي جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي ۽ سڀاڻي پيئڻ جو پاڻي به ميسر نه هوندو. پنجاب حڪومت ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ گلشن کي اجاڙڻ چاهي ٿي، لاهور ۾ 80ع جي ڏهاڪي  م جر جو پاڻي  به سئو فوٽ هو هاڻي 8 سئو فوٽ جي اونهائي ۾  هليو ويو آهي. هن چيو ته انڊيا ٽن دريائن جو رخ موڙيو پر راجستان آباد نه ٿي سگهيو تنهن ڪري هي منصوبو ممڪن ناهي. پاڪستان کي بچائڻو آهي ته سنڌ جي ماڻهن تي رحم ڪيو.  نثار کهڙو ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته  اسان به هڪ ٻئي پُٺيان اسان تي حملا ڪيا پيا وڃن، اسان ڪڏهن سوچون ٿا ته سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حمايت ڪئي وئي ڇا اها اسانجي خطا هئي؟ گريٽر ٿل ڪينال مهل اسان اپوزيشن ۾ هئا سين، جيڪي اڄ وڏا دعويٰ ڪري رهيا آهن اهي حڪومت ۾ ويٺا هئا، محترمه بينظير به چيو ته دنيا مڃي ٿي ته پاڻي ته حق پڇڙي وارن جو آهي پوڇڙي ٽُٽي وئي ته ملڪ ٽُٽي ويندو. عالمي قانون تحت به پاڻي تي سنڌ جو حق آهي، اسان وڙهندا رهياسين گريٽر ٿل ڪينال کي روڪي نه سگهياسين. چشما جهلم ڪئنال کي به روڪڻ لا ڪجهه عرصي تائين روڪي سگهياسين. هاڻي ته چشما جهلم ڪئنال ۾ پاڻي وهندو رهي ٿو. هاڻي به ساڳيو ڪم آهي، ايڪنڪ ۾ معاملو نه آيو آهي ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي ڏيکاريو پيو وڃي ته ڪئنالن جو ڪم هلي پيو.

 

Leave A Comment