| مريخ تي مصر جهڙا اهرام؟ تصويرن تي جڳ حيران |
نيويارڪ (م ڊ) ڳاڙهي سياري مريخ جي مٿاڇري تي هڪ اهڙو نظارو سامهون آيو آهي جنهن دنيا جي سائنسدانن ۽ خلائي شوقينن کي حيران ڪري ڇڏيو. ناسا پاران جاري ڪيل تصويرن ۾ هڪ اهڙي جوڙجڪ ڏيکاري وئي آهي جيڪا مصر ۾ گيزا جي اهرام وانگر نظر اچي ٿي ۽ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اها تقريبن ساڳئي سائيز جي آهي. ان انڪشاف هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال اٿاريو ته ڇا ڪڏهن مريخ تي ڪا قديم تهذيب موجود هئي؟ پراسرار جاءِ ڪينڊور چسما ۾ ڏٺي وئي، جيڪا مريخ تي هڪ وسيع وادي آهي اهو مريخ جي لڳ ڀڳ چوٿين حصي جيترو علائقو آهي. تصويرون، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون جنهن بعد ڪجهه ماهرن ان کي ممڪن مصنوعي بناوت قرار ڏنو. فلمساز برائن ڊوڊز پڻ ان بناوت کي مصر جي عظيم اهرام جهڙو قرار ڏنو. جڏهن هن پراسرار “اهرام” کي جديد سائنسي اوزارن ۽ اعليٰ ريزوليوشن تصويرن جي استعمال سان تفصيل سان جانچيو ويو ته حقيقت بلڪل مختلف نڪتي. ماهرن جي مطابق اهو هڪ مصنوعي ڍانچو نه پر قدرتي عمل جي نتيجي ۾ جڙيل آهي اربين سالن کان تيز هوائن، ٽڪراءُ ۽ مريخ جي مٿاڇري تي ٻين ارضياتي عنصرن هن شڪل کي جنم ڏنو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهي پٿر جا حصا آهن جيڪي چوڌاري مٽي غائب ٿيڻ کان پوءِ ظاهر ٿين ٿا. هي ڍانچو پهرين نظر ۾ اهرام وانگر نظر اچي ٿو، ويجهي معائني تي خبر پئي ته ان جو مٿاڇرو هڪ جهڙو نه آهي ڪنارا بي ترتيب آهن ۽ بناوت غير متوازن آهي.