مريد شاخ لڳ ٻيڙي اونڌي، 2 نينگر اجل جو شڪار
نومبر 4, 2023
مريد شاخ ويجھو ڪراس بند واري علائقي ۾ مڇي مارڻ دوران ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 2 نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا
ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 8ورهين جو حسين علي ميراڻي ۽ 10 ورهين جو سردار ميراڻي ٻڏي ويا
اطلاع تي مقامي ماڻهن پهچي ٻنهي فوتي نينگرن جا لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا
نينگرن جا لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو