مريد شاخ ويجهو پنجاب پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

آگسٽ 21, 2023

مريدشاخ (رپورٽر) مريدشاخ ڀرسان پنجاب ڪوٽ سبزل پوليس مبينا مقابلي بعد 2 ڏوھاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوھارين جي سڃاڻپ شھزادو عرف شدا چانڊيو ۽ الله يار لولائي طور ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوھاري گذريل رات چڪ نمبر 44 واري علائقي واسين کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن تي ڪارروائي ڪئي

پوليس پهچڻ تي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا، مارجي ويل ڏوھاري سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڏوهه ڪندا هئا، ڪجھه ڏينھن اڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ٽن فوجي اھلڪارن کي ڦر دوران زخمي ڪيو ھو

ساڳين ڏوھارين ھڪ ھفتو اڳ ڀنگ ٿاڻي جي حد مان ٻن ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ھئي ۽ جنھن تي پوليس بروقت پھچي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو هو

پنجاب جي ڪوٽ سبزل پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻئي ڏوھاري ڦر، قتل ، پوليس مٿان فائرنگ ۽ ٻين سنگين ڏوھن ۾ پوليس کي گھربل ھئا ۽ مارجي ويل ڏوھارين جا ڪجھ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن جنھن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي

Leave A Comment