| مريد شاخ ڀرسان انسانيت لڄائيندڙ واقعو، 3 جوابدارن پاران ذهني معذور نينگري سان اجتماعي زيادتي |
مريدشاخ (ن پ ا) مريدشاخ ڀرسان 14 ورهين جي ذهني معذور نينگري سان مبينا اجتماعي زيادتي، ڪيس داخل، جاچ جاري، تفصيل موجب مريدشاخ ڀرسان ڳوٺ لقمان ڪوش ويجهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 14 ورهين جي ذهني معذوري جو شڪار نينگري شاهدا ميراڻي سان ٽن نامعلوم جوابدارن پاران مبينا اجتماعي زيادتي ڪرڻ جو الزام سامهون آيو آهي، پوليس موجب متاثرا نينگري جي ڀاءُ نصيب الله ميراڻي جي فرياد تي ٿاڻو کنڀڙا ۾ ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار زيادتي کان پوءِ نينگري کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪمند جي فصل ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا. متاثرا نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب پهرين طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ علاج لاءِ شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب نينگري جا فرانزڪ نمونا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويا آهن، جڏهن ته واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.