| مريد شاخ ۾ اغوا ٿيل دڪاندار بازياب نه ٿيو، شٽربند هڙتال، ڌرڻو، روڊ بلاڪ |
اوٻاوڙو (ن پ ا) مريد شاخ کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل دڪاندار شبير احمد ميمڻ کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف مريد شاخ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين ماجد ميمڻ عظيم ميمڻ،الاهي بخش ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب بدامني وڌي وئي آهي، دڪان بند ڪري گهر ويندڙ شبير ميمڻ کي هٿياربند اغوا ڪري ڪچي کڻي ويا آهن، پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي طرف ايس ايچ او کنڀڙا ظهير احمد ڀٽو مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري چار ڏينهن جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.