مريضن جو سڄڻ ڪير ؟ڪنڌڪوٽ ۾ اسپتال جي گيٽ تي احتجاج،او پي ڊي بند

جُون 24, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)  ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي ۽ سول اسپتال انتظاميا آمهون سامهون، ايس يو پي جو احتجاج، سول اسپتال انتظاميا او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

ايس يو پي جي ڪارڪنن سول اسپتال انتظاميا ڊاڪٽرن خلاف سول اسپتال جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪيو، مظاهرين چيو ته اسين عام ماڻهن جي حقن جي ترجماني ڪرڻ وارا آهيون سرڪاري اسپتال کي ڪوس گهر بڻايو ويو آهي، هڪ ڊاڪٽر به ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

ايس يو پي اڳواڻن چيو ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ آهي، ايمبولنس گم آهن، ماڻهو لاش رڪشن ريڙهن تي پيا کڻي اچن، جيستائين مريضن کي سهولتون نه ملنديون ۽ ڪرپٽ سول اسپتال انتظاميا کي گهرڀيڻو نه ڪيو ويندو احتجاج جاري رهندو

سول اسپتال انتظاميا او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، اسپتال انتظاميا چيو ته پارٽي وارا اسان کي بليڪ ميل ڪن ٿا هر روز اچي هنگامو ڪري اسان جي ڊاڪٽرن سان بدتميزي ڪري انهن کي گٿا لفظ ڳالهائي ٿا وڃن

اسپتال انتظاميا چيو ته گذريل ڏينهن به پارٽي وارا سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ٿي سرڪاري رجسٽرڊ کڻي ويا ۽ اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي

انتظاميا موجب اسپتال ۾ سڀ ڊاڪٽر موجود آهن ڊيوٽي ڪن ٿا ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي، ٻي صورت ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ رهندو

Leave A Comment