| مريم حڪومت ظلم بند ڪري: گڊزٽرانسپورٽرن پاران هڙتال چتاءُ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر( پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي اڳواڻن ملڪ شهزاد اعواڻ، اعظم بٽ ۽خالد خان پنجاب حڪومت جي ٽرانسپورٽ دشمن پاليسين خلاف 25 ڊسمبر تي ڦيٿا روڪ هڙتال جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو ،ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران گاڏين تي وڌايل فين، ڏنڊ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته پنجاب جي ٽريفڪ ۽ ضلعي پوليس ٽرانسپورٽ انڊسٽري کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، هنن الزام مڙهيو ته هزارين گاڏين خلاف غير قانوني ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهن، ڳرن ڏنڊن سبب ڊرائيورن ۽ مالڪن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي۔ هنن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ سڀئي قانوني دستاويز هجڻ باوجود پوليس ڊرائيورن کي بلاجواز تنگ ڪري رهي آهي، سرڪاري ادارن جي رويي اسان کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته پنجاب حڪومت زيادتيون بند نه ڪيون ته 72 ڪلاڪن کانپوءِ ملڪ جي هر هنڌ ٽرڪون ۽ ٽريلر بيهاري ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ 25 ڊسمبر تي ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي، جنهن سان بندرگاهون به بند ٿيڻ جو امڪان آهي