| مريم نواز بابت تڪراري ٽوئيٽ: پي سي بي نسيم شاهه تي 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تڪراري ٽوئيٽ تي فاسٽ بالر نسيم شاهه تي 2 ڪروڙ رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي موجب نسيم شاهه تي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اهو ڏنڊ هنيو ويو آهي. بورڊ 27 مارچ 2026 تي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن ۾ ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪندي وضاحت طلب ڪئي وئي هئي. نسيم شاهه جو جواب ملڻ بعد 30 مارچ تي ٽه رڪني ڊسيپلينري ڪميٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪميٽي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته غير مشروط معافي باوجود نسيم شاهه سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪيترين ئي شقن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث رهيو آهي جنهن تي مٿس 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي. پي سي بي موجب، نسيم شاهه پنهنجي سوشل ميڊيا صلاحڪار کي اڳ ئي برطرف ڪري چڪو آهي جڏهن ته بورڊ ان ايڊوائيزر کي بليڪ لسٽ ڪندو ته جيئن هو مستقبل ۾ ڪنهن به رانديگر سان ڪم نه ڪري سگهي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته هو پروفيشنل معيار ۽ راند جي ساک برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻئي طرف نسيم شاهه ٽوئيٽ جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته منهنجي سوشل ميڊيا ٽيم جي ميمبرن اها ٽوئيٽ ڪئي منهنجي اڪائونٽ کي غلط نموني استعمال ڪيو ويو دل آزاري ٿيڻ تي سڀني ماڻهن کان معافي ٿو وٺان. هن چيو ته آئنده اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.