لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي پٽ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو پوٽو جنيد صفدر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندو. جنيد صفدر جي شادي شانزي علي روحيل سان ٿي رهي آهي جيڪا پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شيخ روحيل اصغر جي پوٽي آهي. شادي جون تقريبون 16 جنوري 2026 کان شروع ٿينديون. جڏهن ته جنيد صفدر جي ڄڃ 17 جنوري تي ليڪ سٽي ويندي. سوشل ميڊيا تي وائرل ڪارڊ موجب جنيد صفدر جي وليمي جي تقريب 18 جنوري 2026 تي شريف فارمز جاتي امرا ۾ ٻنپهرن جو هڪ وڳي منعقد ٿيندي. جڏهن ته شريف خاندان جي طرفان تقريبن جي تاريخ بابت تصديق يا ترديد نه ٿي سگهي آهي.