| مريم نواز سان ملندس: لاهور ۾ شهري ڪرين تي چڙهي ويو |
لاهور(م ڊ) هڪ شهري احتجاج طور ڪرين تي چڙهي ويو، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان ملاقات جو مطالبو ڪيو. هڪ شهري پنجاب اسيمبلي جي ايم پي اي هاسٽلز جي تعمير هيٺ عمارت تي ڪرين تي چڙهي ويو ۽ هڪ بينر لڙڪائي وڏي وزير مريم نواز سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. انتظاميا ڪرين تي چڙهندڙ شهري کي هيٺ لهڻ لاءِ بچاءُ آپريشن شروع ڪيو، جڏهن ته وڏي وزير جا صلاحڪار ذيشان عاشق ۽ رانا ارشد ڳالهين لاءِ موقعي تي پهتا. ريسڪيو عملدارن ۽ ڪرين تي چڙهندڙ شهري جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. ان شخص چيو ته هو مريم نواز سان ملڻ تائين ڪرين تان هيٺ نه لهندو. ان تي ريسڪيو عملدارن يقين ڏياريو ته جيڪڏهن توهان هيٺ لهو ٿا ته مريم نواز توهان سان ملندي بعد ۾ کيس ڪرين تان محفوظ طور تي هيٺ لاٿو ويو.