| مريم نواز عمران ۽ بشريٰ جون ملاقاتون بند ڪرايون: مشال يوسفزئي |
اسلام آباد: عمران خان پاران 32 ڪروڙن ۾ سينيٽر چونڊجڻ جو الزام ڀوڳيندڙ مشال يوسف زئي عمران ۽ سندس گهرواري سان ملاقات جو معاملو سينيٽ ۾ اٿاري ڇڏيو. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي مشال يوسف زئي چيو ته پاڪستان ۾ قيد ڀارتي ايجنٽ جون ملاقاتون ڪرايون پيون وڃن۔ باني پي ٽي آءِ ۽ اُن جي گهرواري کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو آهي۔ مريم نواز چوندي آهي ته پنجاب ۾ اُن جي مڪمل رٽ آهي۔ باني پي ٽي آءِ ۽ بشرا بي بي سان جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو مريم نواز جي هدايت تي ٿي رهيو آهي۔ هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بخيا اڊيڙيا ويا آهن.