مريم نواز پاران لاهور ۾ پنجاب فلم سٽي اڏڻ جو اعلان

مريم نواز پاران لاهور ۾ پنجاب فلم سٽي اڏڻ جو اعلان

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لاهور ۾ 50 ايڪڙن تي ٻڌل جديد پنجاب فلم سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد فلمي ۽ ڊجيٽل ميڊيا صنعت کي نئين زندگي ڏيارڻ آهي. اهو منصوبو لاهور ۾ قائم ڪيل “نواز شريف آءِ ٽي سٽي” ۾ شروع ڪيو ويندو. وزيراعليٰ موجب فلم سٽي ملڪ جو پهريون مڪمل ’اينڊ ٽو اينڊ‘ ميڊيا پروڊڪشن حب هوندو، جتي فلم، ٽي وي، اينيميشن ۽ ڊجيٽل ميڊيا لاءِ جديد سهولتون هڪ ئي ڇت هيٺ فراهم ڪيون وينديون. فلمي صنعت جي بحالي کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار جي سهولتن سان ممڪن بڻايو ويندو، جنهن سان وي ايف ايڪس (VFX) ۽ پوسٽ پروڊڪشن لاءِ پرڏيهي ملڪن تي دارومدار گهٽجي ويندو، فلم سٽي ۾ جديد اسٽوڊيوز، سائونڊ اسٽيجز، پوسٽ پروڊڪشن ليبز، شوٽنگ لاءِ مختلف سيٽس ۽ هڪ مرڪزي ڍنڍ پڻ منصوبي جو حصو هوندي. عالمي ايونٽس ۽ ايوارڊ شوز لاءِ ڪنوينشن هال پڻ تعمير ڪيا ويندا.  منصوبي ۾ ميڊيا ٽريڊ حب فلم ۽ ميوزڪ اسڪول جو قيام پڻ شامل آهي. پنجاب فلم سٽي سان هزارين سڌي ۽ اڻ سڌي طرح روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.مريم نواز شريف موجب هي منصوبو ٽيلنٽ، ٽيڪنالاجي ۽ ڪاروبار کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندو.