| مريم نواز کي ڪي پي ۾ جلسي جو چئلينج: پنجاب ۾ جبر ڪيو ويو، ڪارو قانون لاڳو آهي: سهيل آفريدي |
لاهور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي مريم نواز کي ڪي پي ڪي ۾ جلسو ڪرڻ جو چيلينج ڏيندي چيو آهي ته مريم نواز ڪي پي ڪي ۾ ۽ مان پنجاب ۾ جلسو ڪندس ڏسون ٿا ته ڪنهن جي سڏ تي عوام وڌيڪ ٻاهر نڪري ٿو. لاهور جي ٽئين ڏينهن جي دوري دوران سينئر صحافين، اينڪر پرسنز، ڊيجيٽل ميڊيا جي نمائندن، مختلف ٽي وي چينلز جي بيورو چيفس سان ملاقات دوران سهيل آفريدي چيو ته مريم نواز خيبرپختونخواهه اچي، کيس ٻڌايو ويندو ته وزيراعليٰ جي عهدي جو استقبال ۽ احترام هڪ جمهوري مهذب انداز ۾ ڪهڙي طرح ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته گذريل عام چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب مان 180 سيٽون کٽيون هيون، جيڪو انهي ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته پنجاب جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف تي ڀروسو ڪيو هو ۽ هو عمران خان جي سڏ تي نڪتا هئا ۽ اڄ به نڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. جيڪي ماڻهو غيرقانوني طريقي سان حڪومت تي قابض ٿي چڪا آهن يعني فارم 47 جي ذريعي ٺهندڙ حڪومت، انهي جو عوام سان ڪوبه تعلق نه رهيو آهي اهي ماڻهو مڪمل طور تي عوام کان ڪٽجي چڪا آهن. وڏي وزير چيو ته پنجاب اچي زميني حقيقتن کي پاڻ سامهون ڏسي مون کي سخت حيرت ٿي آهي، پنجاب حڪومت طرفان جهڙي قسم جي سختي، جبر ۽ زيادتيون ڪيون پيون وڃن انهي جو پاڪستان ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي، ائين محسوس ٿي رهيو آهي جيئن ماضي جي ڪاري قانون جو نظام هاڻ موجوده پنجاب حڪومت پنجاب ۾ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي تحت اجتماعي احتساب ڪيو پيو وڃي. گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. شيشا ٽوڙيا پيا وڃن. ماڻهن کي هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ خوف هراس جي فضا قائم ڪئي پئي وڃي. سهيل آفريدي ٻڌايو ته منهنجي لاهور پهچڻ کان اڳ ئي سوينڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جتي ويس اتي ڪارڪنن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. اهو سڀ ڪجهه جمهوري روايتن جي ابتڙ آهي ۽ هڪ آمراڻي مائنڊ سيٽ جي عڪاسي ڪري ٿو. پنهنجي دوري جي اختتام تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني ڪئي.هن ٻڌايو ته پنجاب انتظاميه طرفان هتي به مذمت جوڳيون رڪاوٽون بيهاريون ويون جهڙي طرح گذريل ڏينهن فوڊ اسٽريٽ ۾ سموريون لائتون بند ڪيون ويون ۽ سموري بازار زبردستي بند ڪرائي وئي اهڙي طرح اڄ به جتي جتي مان ويس اتي لائٽون بند ڪيون ويون، دڪان بند ڪرايا ويا، عوام کي هراسان ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ مون کي حسان نيازي جي گهر وڃڻ کان به روڪيو ويو جيڪو انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته هڪ صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو سان مسلسل توهين جوڳو ۽ فسطائي رويو اختيار ڪيو پيو وڃي. اهڙي قسم جون ڪارروايون کليل فسطائيت جي عڪاسي آهن ۽ اهي سمورا واقعا منهنجي دل، دماغ تي نقش ٿي چڪا آهن. هن چيو ته اهو صرف مون سان نه ٿي رهيو آهي پر سموري قوم هن حڪومت جي ذهني ۽ اخلاقي ناڪامي کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهي آهي. اهڙيون ڪارروايون نه صرف جمهوري قدمن جي خلاف آهن پر عوامي شعور کي وڌيڪ بيدار ڪري رهيون آهن. هوڏانهن ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پنهنجو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس ڪي پي ڪي روانو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي، ڪوئيٽا به ويندس