مريم نواز ۽ احد چيما جي ضمانت رد ڪرڻ جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

آگسٽ 18, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ مريم نواز ۽ احد چيما جي ضمانت رد ڪرڻ جي نيب جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي

نيب شميم شگر ملز ڪيس ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي، اها درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 22 آگسٽ تي مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي  ٻڌڻي ڪندي

ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ ايل ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي اڳوڻي صلاحڪار احد چيما جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي به 25 آگسٽ تي ٻڌڻي ٿيندي

نيب مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ احد چيما جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست داخل ڪئي هئي

Leave A Comment