مرڻ گهڙي تائين سرداري نظام خلاف آواز گونجندو رهندو: ام رباب

مرڻ گهڙي تائين سرداري نظام خلاف آواز گونجندو رهندو: ام رباب

ميهڙ (ن پ ا) ام رباب چانڊيو چيو آهي ته   ملڪ جون حالتون خراب آهن اسان ۽ توهان برداشت ڪندا ايندا پيا اچو، آئون 8 سالن کان جدوجهد پئي ڪندي اچان پر ان جي ڪا سٺي موٽ نه ملي مايوس ڪن حالتون آهن  پر ان باوجود منهنجي حوصلو بلند آهي پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾  ھن چيو ته مان هڪ عهد ڪرڻ  ٿي چاهيان اوهان سڀني جي سامهون ته منهنجو آواز مرڻ گهڙي تائين سرداري نظام خلاف هوندو منهنجو مقصد هوندو ته سنڌ مان سرداري نظام جو خاتمو آڻيان سرداري نظام خلاف جدوجهد جاري رهندي اوهان پنهنجو آواز دٻجڻ نه ڏيو مظلوم سان گڏ لوهي ديوار بڻجي بيٺا رهو، اڄ جيڪو ظلم سنڌ ۽ پاڪستان ۾ وڌي ويو آهي ان جو سبب به هي  ناانصافيون آهن ھن چيو ته اسان وٽ هڪ ئي رستو آهي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان خاموش رهون يا آواز بلند ڪريون اسان کي آواز بلند رکڻو پوندو