17 جنوري 2018ع تي دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ۾ چانڊيا برادري جي ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين- جن ۾ ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو، والد تمندار مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو. کي ڏينهن ڏٺي _ سج جي روشنيءَ ۾ قتل ڪيو ويو. جنهن جي قتل جو الزام چانڊيا برادري جي سردار ڀائرن (پ پ پ ايم پي ايز) نواب سردار چانڊيو، نوابزاده برهان چانڊيو سميت مرتضى` چانڊيو، سڪندر چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، عبدالستار چانڊيو ۽ عبدالڪريم عرف ڪريم بخش چانڊيو تي لڳايو ويو. الزام هيٺ آيل ماڻهن کي ڪجهه وقت کانپوءِ قتل ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو. هي ڪيس پورا اَٺ (8) سال سنڌ جي ڇهن (6) عدالتن جن ۾ : نوشهرو فيروز، ميرپور ماٿيلو، سکر، لاڙڪاڻو بعد سپريم ڪورٽ ۾ به هليو. هن ڪيس جون چار سئو پيشيون ٿيون. ام رباب ڪيس جي مڪمل پيروي ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنهور، پاران ڪئي وئي ۽ الزام هيٺ آيل چانڊيا ڀائرن پاران ان ڪيس جي پيروي اطهر عباس سولنگي ۽ افتخار حيدر شاهه ڪئي. ان ڪيس جو فيصلو 30 مارچ 2026ع تي دادوءَ جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۽ فرسٽ ايڊيشنل جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ثبوت نه ملڻ تي نواب سردار خان، برهان خان چانڊيو ۽ ٻين کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
مقتولن جي وارث ام رباب چانڊيو، ڪورٽ اچڻ مهل ڪورٽ ٻاهران عوامي هجوم کي هٿ لوڏي لبيڪ ياحسين (ع) جا نعرا بلند ڪندي وڏي اميد سان ڪورٽ ۾ داخل ٿي. سڄي سنڌ جون نظرون ان فيصلي تي هيون. ان فيصلي جو رڳو ام رباب ۽ سندس گھرڀاتين کي نه پر سڄي سنڌ کي انتظار هو. ان فيصلي نه رڳو ام رباب اڳيان پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ جي عدالتي نظام اڳيان به ڪيترائي سوال ڇڏيا آهن. مقتولن جا قاتل ظاهر نه ٿيا، فريادي مايوس ٿي موٽيا. پوءِ آخر مقتولن جي وارثن کي قاتل ڪير ڳولي ڏيندو؟!
ام رباب چانڊيو ڪيس جي آيل اهڙي فيصلي کانپوءِ، ان جي قانوني رخن کي ته قانون جا ماهر ئي بهتر نموني سمجھي ۽ ان تي ڪائي حتمي راءِ ڏئي سگھن ٿا. پر ان ڪيس مان سنڌ جيڪو محسوس ڪيو آهي، ان جو حاصل مطلب اهو آهي ته، ام رباب چانڊيو، هي ڪيس ظاهري طور تي قانوني دليلن سان دادوءَ جي عدالت مان هارائي چڪي آهي، پر هن عوام جي عدالت مان هن ڪيس جي فتوا پنهنجي حق ۾ ضرور ورتي آهي. ام رباب، اڃا عدالت جي انصاف کان نااميد ناهي ٿي. هن پنهنجو هي ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪو هن جو قانوني حق آهي.
جنگ ۾ ضرور هڪ ماڻهوءَ جي هار ۽ ٻئي جي سوڀ ٿيندي آهي. ان ۾ به جيڪا سوڀ طاقت جي زور تي ٿيندي آهي، اها گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگھندي آهي. تاريخ ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال ملن ٿا. ائي. جنرل ضياء الحق ڪوڙي اتي ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي سزا ڏياري پر، زنده وري به ڀٽو آهي. جنرل پرويز مشرف ملڪ تي مارشل لا مڙهي، جنهن ۾ محترما بينظير ڀٽو کي جلاوطنيءَ تي مجبور ڪيو. جڏهن واپس وري ته عوام کي ان جو لاش مليو. هاڻ 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي آهي. ۽ محترما بينظير ڀٽو اڄ به عوام جي دلين تي راج ڪري ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته پنهنجي حڪومت هوندي به پنهنجي قائد جي ناحق خون سان انصاف نه ٿي سگھيو آهي. پر قاتل به زنده ناهن رهيا.
اها سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جي هڪ حقيقت آهي ته ام رباب چانڊيو، هن فيصلي اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڪنهن به ڏاڍ ڏمر کان نه ڊني. هن حوصلي جي پختگيءَ سان پنهنجو ڪيس وڙهيو. هوءَ سرداري نظام نامنظو جا نعرا هڻي رهي آهي. ۽ پنهنجي رهبر، محسنِ انسانيت حضرت امام حسين عليه السلام کي چئي رهي آهي. جنهن خاندان جون عورتون شام غريبان کان پوءِ همت ۽ حوصلو ناهن هارينديون، اهي هڪ ڏهاڙي حاڪمِ وقت کي به هارائي وينديون آهن. ام رباب جي جذبن ۽ حوصلي مان سنڌ جي هر مظلوم نياڻي اتساهه وٺندي. ام رباب ڪڏهن به هارائي نه ٿي سگھي. آسمان وارو منصف مظلوم سان انصاف ضرور ڪندو آهي. هاڻ سنڌ کي ان ڏهاڙي جو ئي انتظار آهي. ياد رکو! مظلوم نياڻين جا آسمان ڏانهن کنيل هٿ ڪڏهن خالي هيٺ ناهن ٿيندا. ام رباب جي ڪيس جي آيل فيصلي کانپوءِ سندس مخالف ڌر جو وڪيل اطهر عباس سولنگي به اهو سچ چوڻ تي مجبور ٿي پيو ته: “ام رباب دليريءَ سان ڪيس وڙهيو آهي”. بيشڪ ام رباب دلير آهي. هن همت ناهي هاري. هن جو حوصلو اڄ به بلند آهي. مقتول وارثن جي خون سان انصاف چاهي ٿي، جيڪو هڪ ڏهاڙي وٺي ڏيکاريندي.