لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻو پوليس منشيات فروشن کي ڇوڙٽ ڏئي ڇڏي،وڪرو عام هجڻ ڪري ٻارڙا به استعمال ڪرڻ لڳا آهن، سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
شهر منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي ننڍي عمر جا ٻارڙا سرعام سلفي ۾ چرس واپرائڻ لڳا آهن، جناح باغ منشيات واپرائيندڙن جي آماجگاهه بڻيل آهي
سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين جي اڳواڻن توڙي ساڃاهه وندن چيو آهي ته پوليس منشيات وڪڻندڙن کي کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي جنهن سبب ننڍي عمر وارا ٻار به منشيات جا عادي بڻي ويا آهن
اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻيا وس وارا لاڙڪاڻي ۾ منشيات جي وڪري کي روڪرائي وڪڻندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪن