| مزاحيا اداڪار محبوب گل ٽوٽاڻي هميشه لاءِ وڇڙي ويو |
قمبر (رپورٽر) قمبر واسي گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا ٽي وي ۽ اسٽيج جو ناميارو مزاحيا اداڪار محبوب گل ٽوٽاڻي 55 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، وارثن موجب محبوب جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي کيس سکر ايس آءِ يوٽي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته محبوب گڙدن جي بيماري سبب کٽ ڀيرو هيو،ڪجھه ڏينھن اڳ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي انٽرويو ڏيندي سرڪار کي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي هئي ثقافت کاتي طرفان هڪ لک رپين جو چيڪ به ڏنو ويو هيو، مرحوم هڪ سئو کان وڌيڪ ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.