مزارن تي رهان پئي، دارالامان موڪليو: فريدآباد ۾ اغوا ڄاڻايل ناري جو وڊيو بيان

آگسٽ 22, 2023

فريدآباد (رپورٽر) فريدآباد ۾ اغوا ڄاڻايل عورت واري معاملي جو ڊراپ سين، عورت جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو

ڪاڇي جي ڳوٺ الهڏنو تيوڻو واسڻ ثمينا تيوڻو هفتو اڳ اغوا ٿيڻ جو ڄاڻايو ويو هو، ثمينا پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو

عورت چيو ته آئون مجبور ٿي گهران نڪتس،  ڪڏهن سيوھڻ ته ڪڏهن سعدي موساڻي ته ڪڏهن ڀٽائي سرڪار سميت سنڌ جي ٻين مزارن تي راتيون ڪٽڻ تي مجبور آھيان

هن چيو ته مڙس پياس تيوڻو مون تي تشدد ڪندو هو، مون کي ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ چاهين ٿا، مون کي تحفظ ڏنو وڃي، دارالامان موڪلي زندگي بچائي وڃي

Leave A Comment