مزار قائد ڀرسان گٽرن جو پاڻي بيهڻ تان 2 انجنيئر معطل

مزار قائد ڀرسان گٽرن جو پاڻي بيهڻ تان 2 انجنيئر معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مزار قائد ڀرسان سيوريج جو پاڻي بيهڻ تان واٽر بورڊ جا 2 انجنيئر معطل، ان ڏس ۾ مُلڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار ٻاهران سيوريج جو پاڻي بيهجي ويو ، جنهن جو وڏي وزير سيد مراد شاھ ۽ چيف سيڪريٽري آصف حيدرشاھ نوٽيس ورتو، ڪالهه مڪاني کاتي جي اختيارين واٽر بورڊ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر جناح ٽائون علي احمد ۽ سب انجنيئر قمر احمد کي هٽائي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ چيو آهي ته شهر ۾ صفائي ۽ سيوريج جي نيڪال واري نظام ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.