مزدورن جو ڏهاڙو: ڀريا سٽي ڀرسان پورهيت تي وحشياڻو تشدد

مَي 2, 2025

ڀرياسٽي(ن پ ا) مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي مزدور تي وحشياڻو تشدد، خبر موجب ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ حسين ڪلھوڙو ۾ بااثر قادر بخش ڪلھوڙو پاران 20 سالن جي نوجوان پورهيت صابر ڪلھوڙو مٿان وحشياڻو تشدد ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو،  جنھن کي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيو ويو، زخمي نوجوان جي امڙ رضوانا ڪلھوڙو ٻڌايو ته پٽ صابر ڪلھوڙو ڳوٺ ۾ قادربخش ڪلھوڙو وٽ مزدوري ڪندو ھو، پٽ پنجن ڏينھن جي مزدوري گھري ته قادربخش مڇرجي کيس تشدد جو نشانو بڻايو، هن ٻڌايو ته جوابدار نشي ۾ ڌت ھو اسان غريب ۽ مسڪين آھيون، دالي چيڪ پوسٽ تي واقعي جي اين سي داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناھي ڪيو، ٻئي طرف ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته معاملي جي جاچ جاري آھي، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ذريعن موجب ڀريا پوليس قادر بخش ڪلھوڙو کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو آھي.

 

Leave A Comment