مزدور يونين ڊسڪوز جي نجڪاري روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

مزدور يونين ڊسڪوز جي نجڪاري روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري خلاف مزدور يونينن پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت کان فوري طور نجڪاري جو عمل روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مزدور اڳواڻن چيو ته نجڪاري پاليسين سبب بجلي مهانگي ٿي آهي، پر پيداوار ۾ ڪو نمايان اضافو نه ٿيو آهي. آءِ پي پيز کي اربين رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون، جڏهن ڪيپيسٽي پيمنٽس جو بار سڌو سنئون صارفين تي وڌو ويو. ڊسڪوز جي نجڪاري سان هزارين ملازمن جو روزگار متاثر ٿي سگهي ٿو، بجلي جهڙي بنيادي عوامي خدمت کي منافعي جو ذريعو نه بڻائڻ گهرجي. پريس ڪانفرنس ۾ حڪومت کان بجلي جي معاهدن ۽ نجڪاري پاليسين جو آزاداڻو جائزو وٺڻ، شفاف سڌارا آڻڻ، روزگار جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.