“مسئلا حل ڪريو” نصيرآباد ۾ شهري نڪري آيا، ريلي، مظاهرو

“مسئلا حل ڪريو” نصيرآباد ۾ شهري نڪري آيا، ريلي، مظاهرو

نصيرآباد(ن پ ا) نصيرآباد ۾ بنيادي مسئلن، تعلقا اسپتال، صحت، تعليم ۽ ٻين معاملن جي حل لاءِ شهري روڊن تي نڪري آيا، شهري اتحاد پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن سينگار نوناري، خدا بخش سانگھرو، ضمير مغيري، زاھد تنيو، غلام مصطفيٰ ڪلھوڙو، ننگر چنا، جبار آزاد منگي، بخش علي مغيري، اعجاز شيخ ۽ ٻين چيو ته صحت، تعليم، سميت بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.