مسابقتي ڪميشن پاران راڻيپور شگر ملز  جا شيئرز خريدڻ جي منظوري

مسابقتي ڪميشن پاران راڻيپور شگر ملز  جا شيئرز خريدڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسابقتي ڪميشن آف پاڪستان راڻيپور شوگر ملز جي حصول جي منظوري ڏئي ڇڏي۔ سي سي پي مطابق ساخ فارما ۽ يونائيٽيڊ ايٿانول کي اڪثريتي شيئرز حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي۔ ڪميشن جو چوڻ آهي ته پهرين ڏيتي ليتي واري مرحلي جي جائزي بعد مسابقت تي ڪو منفي اثر نه پوندو، ڌرين جي ڪاروبار ۾ سڌي ريت مماثلت ناهي. ڪميشن موجب راڻيپور شوگر ملز کنڊ، ضمني شين ۽ بجلي جي پيداوار ۾ سرگرم آهي، ڏيتي ليتي کي اڳواٽ منظوري کانسواءِ مڪمل ڪيو ويو هو، جنهن تي سي سي پي نوٽيس ورتو ويو، ڪمپنين طرفان قانون جي پابندي جي خاطري ڪرائي آهي. کنڊ سيڪٽر ۾ ويليو ايڊيڊ سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جو امڪان آهي.