مستاني نوجوان جي قتل ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ۽ ٻين تي فرد جرم

مستاني نوجوان جي قتل ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ۽ ٻين تي فرد جرم

مٽياري (رپورٽر) مٽياريءَ جي عدالت ٽي سال اڳ نيوسعيدآباد ۾ مستاني غلام دستگير عرف پپو ميمڻ کي بدترين تشدد ڪري ماري ڇڏڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي سميت 13 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ ٽي سال اڳ نيوسعيدآباد شھر جي مستاني غلام دستگير عرف پپو ميمڻ جي قتل جي ڊائريڪٽ ڪمپلين سندس ڀيڻ ثمرين ميمڻ ۽ عزيز ميمڻ پاران داخل ڪئي وئي هئي جنھن تي ڪالهه عدالت چئن پوليس عملدارن سميت 13 ڄڻن جن ۾ اڳوڻي ايس ايس پي مٽياري ( ھاڻوڪو جيڪب آباد) ڪليم ملڪ، ڊي ايس پي انڪوائري آفيسر سراج لاشاري، اڳوڻي ايس ايڇ او نيوسعيدآباد شريف کوسو، سب انسپيڪٽر قلندربخش خاصخيلي، ملڪ علي حسن، شاھنواز راجپوت، شھريار راجپوت، شريف راجپوت، جنگشير راجپوت، مھربان علي راجپوت، بابر راجپوت، نديم راجپوت ۽ شاھد راجپوت تي فرد جرم عائد ڪئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 21 جنوري 2026 تي رکي وئي آهي، قتل ٿيل مستاني پپو ميمڻ جي ڀيڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي عدالت تي يقين آھي ته اسان سان انصاف ڪيو ويندو، منھنجي مستاني ڀاءُ غلام دستگير عرف پپو ميمڻ جي قتل ۾ ملوث پوليس عملدارن سميت سڀني جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ياد رهي ته نيوسعيدآباد شھر جي مندر محلي ۾ 5 آگسٽ 2022 تي راجپوت برادريءَ جي اوباش نوجوانن ھڪ مستاني غلام دستگير عرف پپو ميمڻ کي مندر محلي جي گھٽين اندر ڊوڙائي ڊوڙائي بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد زخمي حالت ۾ ٽنگ ۾ رسو وجھي موٽرسائيڪل ذريعي گھلي کڏ ۾ اڇلائڻ بعد ڪجھ دير کان پوءِ واپس ٻاھر ڪڍي موٽرسائيڪل ذريعي واپس مندر محلي جي وچ گھٽيءَ ۾ اڇلائي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، جنھن بعد نيوسعيدآباد پوليس پھچي اڌ مئو ٿيل مستاني کي چنگچي ۾ کڻي تعلقا اسپتال ۾ لاوارث ڄاڻائي ڇڏي روانو ٿي وئي، جتي سندس وارث ۽ شھري پھچي ويا ھئا، تعلقا اسپتال ۾ زخمي مستاني کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد وارثن ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ لمس حيدرآباد منتقل ڪيو ھو، جتي 12 ڪلاڪن بعد لمس حيدرآباد ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ھو، واقعي جو ان وقت جي آئي جي سنڌ پوليس نوٽيس وٺندي ان وقت جي ايس ايڇ او شريف کوسو ۽ وڏي منشي الھيار ٻلال کي معطل ڪري ڊي ايس پي سراج لاشاري کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ھو، مستاني پپو ميمڻ جي وارثن موجب انڪوائري آفيسر سراج لاشاري صحيح انڪوائري نه ڪئي ھئي ۽ ڪيس مان 5 ڄڻن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا هئا، جنھن بعد وارثن نيوسعيدآباد پوليس تي ڌر بڻجڻ تي لاڳيتو پريس ڪلب نيوسعيدآباد جي اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ھئي.