| مستفيض کي نيڪالي: بنگلاديش جو ڀارت ۾ نه کيڏڻ تي غور |
ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي هندو انتهاپسندن جي ڌمڪين بعد آءِ پي ايل مان ڪڍڻ تي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون پنهنجون ميچز ڀارت مان سريلنڪا منتقل ڪرائڻ تي سوچڻ شروع ڪري ڏنو آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب بي سي بي مستفيض الرحمانجي معاملي تي تڪڙي صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو آهي،هنگامي مشاورت ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاران مستفيض کي آءِ پي ايل مان نيڪالي جو جائزو ورتو ويندو. بي سي بي جي صدر امين الاسلام چيو آهي ته بورڊ ميٽنگ فوري طور تي گھرائڻ ممڪن ناهي، پر فوري طور مشاورت ڪري رهيا آهيون، مشاورت جو مقصد صورتحالجو جائزو وٺڻ آهي، پهرين ترجيح ڪرڪيٽرن جي حفاظت۽ سڪيورٽي آهي.مشاورت سان اصل حقيقتون سامهون اينديون، ڀارت ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سڪيورٽي تي سوديبازي نه ٿيندي، ان معاملي تي آءِ سي سي کان سڪيورٽي جي گارنٽي وٺنداسين. ان کان سواءِ پنهنجون ميچز ڀارت مان سري لنڪا منتقل ڪرائڻ تي به غور ڪريون پيا.