| مستقبل جي ڊاڪٽرياڻي سان پيار جو اظهار ڳچي ۾ پئجي ويو |
بنگلور (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر کي پيار جو اظهار ڪرڻ ڳچي ۾ پئجي ويو، سندس محبوبه جوتن سان جواب ڏنو. بنگلور شهي جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ پروفيسر ڪلاس هلندي پنهنجي شاگردياڻي سان محبت جو اظهار ڪيو جنهن تي شاگردياڻي فوري طور تي اعتراض ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي جي وچ ۾ بحث شروع ٿي ويو جيڪو منهن ماري ۾ تبديل ٿي ويو. جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پروفيسر کي مائيڪ آن ڪندي ۽ چوي ٿو ته اڄ مان پنهنجي ڪلاس جي سڀ کان اهم ڇوڪرين مان هڪ کي شادي جي آڇ ڪرڻ چاهيان ٿو. هو پرپوز ڪري ٿو ته شاگردياڻي حيراني جو اظهار ڪري ٿي بعد ۾ ٻنهي جي وچ ۾ بحث شروع ٿي ويندو آهي. پروفيسر شاگردياڻي کي ٻڌائي ٿو ته توهان مون کي چيو هو ته مان توهان سان پيار ڪريان ٿي شاگردياڻي ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪيو ۽ چيو ته مون اهو نه چيو آهي. وڊيو جي ٻئي حصي ۾ ڏٺو ويو ته شاگردياڻي ٻين شاگردن سان گڏ استاد کي مار ڪڍي ٿي ۽ چپلن ۽ ٿڦڙن جو وسڪارو لائي ڏئي ٿي.