| مستونگ کان ڪراچي ايندي عليزئي قبيلي جو سردار پٽ سميت گم |
شھدادڪوٽ (رپورٽر) بلوچستان جي شھر مستونگ کان ڪراچي ويندي عليزئي قبيلي جو سربراهه سردار شاھ سندس پٽ فدا حسين عليزئي لاپتا ٿي ويا، جيڪي 4 ڏينهن اڳ مستونگ کان ڪراچي وڃي رهيا ھيا ته رستي تان لاپتا ٿي ويا، جڏھن ته وارثن مٽن مائٽن پاران ڳولا کانپوءِ مستونگ پوليس کي ٻڌايو آھي ته عليزئي قبيلي جي سربراهه سردار شاھ ۽ پٽ فدا حسين عليزئي گم آھن، ھنن جي گاڏي قلات ۽ خضدار جي وچ تي ملي آھي، اسان کي شڪ آهي ته سردار شاھ عليزئي ۽ سندس پٽ فدا حسين عليزئي کي اغوا ڪيو ويو آهي. اھڙو اطلاع وارثن مستونگ پوليس کي ڏنو آھي.