| مستونگ ۾ مبينا طور ڊرون حملو، باغ ۾ ڪم ڪندڙ 4 مزدور مارجي ويا |
شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي علائقي کڏڪوچا ۾ باغ اندر مبينا طور ڊرون حملي ۾ 4 مزدور مارجي ويا، کڏڪوچا ۾ باغ اندر ڪم ڪندڙ مزدورن مٿان نامعلوم ڊرون ڪرڻ سبب 4 مزدور ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن مزدورن ۾ گل خان مغيري، عمران بروھي عبيدالله بروھي ۽ جان زيب ابڙو شامل آھن، جڏھن ته زخمين ۾ علي رضا مينگل، نصيب ابڙو ۽ خالد حسين شامل آھن، جڏھن ته اطلاع تي مستونگ پوليس پھچي مزدورن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي مستونگ اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.