مستونگ ۾ پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي مٿان حملو، 2 اهلڪار مارجي ويا
اپريل 24, 2025
مستونگ(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ دهشتگردن پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر ليويز اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب افسوسناڪ واقعو مستونگ ضلعي جي علائقي يوسي موبي ۾ پيش آيو، جتي ليويز اهلڪار ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندڙ ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر هئا.
ليويز اختيارين ٻڌايو ته شهيد اهلڪارن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي