| مسجد اقصيٰ ۾ يهودي وزير داخل، مسلمانن تي تشدد، 8 اسلامي ملڪن مذمت ڪري ڇڏي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سميت 8 عرب ۽ اسلامي ملڪن انتها پسند اسرائيلي وزيرن ۽ آبادڪارن پاران مسجد اقصيٰ جي مسلسل بي حرمتي ۽ چڙ ڏياريندڙ ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فورسز جي سيڪيورٽي هيٺ مسجد اقصيٰ ۾ انتهاپسندن ۽ اسرائيلي وزيرن جي داخلا، اتي اسرائيلي جهنڊو لڳائڻ ۽ عبادت ڪندڙن تي حملو بين الاقوامي قانون ۽ سڀني بين الاقوامي ڪنوينشنن جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزيرن واضح ڪيو ته قبضي هيٺ آيل اوڀر يروشلم جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي مڪمل طور تي رد ڪيو وڃي ٿو. اسرائيلي وزيرن ۽ انتهاپسند گروپن جا اهي عمل نفرت ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏئي رهيا آهن ۽ ٻه رياستي حل ۾ سنگين رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪنهن به طرح سان ناقابل قبول آهن. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي فوري طور تي يروشلم جي پراڻي شهر تائين مسلمانن جي رسائي تان پابنديون ختم ڪرڻ گهرجن. مسجد اقصيٰ جي سڀني علائقن ۾ صرف مسلمانن جي عبادت جي خاص حق کي تسليم ڪيو وڃي. پرڏيهي وزيرن جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي قبضي هيٺ يروشلم يا ان جي اسلامي ۽ عيسائي مقدس هنڌن تي ڪا به قانوني خودمختياري حاصل ناهي. اردن جي هاشمي نگهبان ۽ اوقاف واري کاتي، جيڪو مقدس هنڌن جو انتظام ڪري ٿو، جي قانوني حيثيت جو مڪمل احترام ڪيو وڃي. پرڏيهي وزيرن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اسرائيل کي مقدس هنڌن جي بي حرمتي، ڀڙڪائڻ ۽ غير قانوني ڪارروائين کان روڪڻ لاءِ فوري طور تي مداخلت ڪري.