مسلسل شڪستون: شان مسعود جي ڪپتاني خطري ۾ پئجي وئي

مسلسل شڪستون: شان مسعود جي ڪپتاني خطري ۾ پئجي وئي

ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) ڇا پاڪستاني ڪپتان شان مسعود کي ڊراپ ڪري سگهجي ٿو؟ بنگلاديش خلاف لڳاتار ٽئين ٽيسٽ ۾ شڪست  بعد نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ شان مسعود تي شديد تنقيد ٿي رهي آهي، بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 104 رنز تان شڪست ٿي آهي. ميرپور ۾ ميچ جي پنجين ڏينهن بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 268 رنز جو هدف ڏنو هو. پر ڊيبيو ڪندڙ پاڪستاني بيٽر عبدالله فضل کان سواءِ ڪو به بيٽر گهڻي دير تائين ڪريز تي نه بيهي سگهيو. ڪپتان شان مسعود ڪريز تي صرف پنج بالن تائين رهيو. بنگلاديش جي پاڪستان خلاف ٽيسٽ ميچن ۾ هي لڳاتار ٽين فتح آهي. ان کان اڳ بنگلاديشي ٽيم 2024 ۾ راولپنڊي ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ ميچون به کٽيون هيون. انهن ميچن ۾ به پاڪستان جو ڪپتان شان مسعود ئي هو. پاڪستاني سوشل ميڊيا تي جتي ٽيم جي تجربيڪار بالر ۽ بيٽرن تي تنقيد جاري آهي اتي ڪپتان شان مسعود جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاريا پيا وڃن. هيل تائين شان مسعود 15 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪئي آهي جنهن ۾ 11 ۾ شڪست ٿي آهي،  ڪرڪيٽ تجزيه نگار مظهر ارشد موجب پاڪستان ملڪ کان ٻاهر لڳاتار ڇهه ٽيسٽ ميچ هارائي چڪو آهي. آخري ڀيرو پاڪستان لڳ ڀڳ ٽي سال اڳ سريلنڪا ۾ ميچ کٽي هئي، ايڪس تي دانيال رسول لکيو ته پاڪستان بنگلاديش هٿان لڳاتار ٽي ٽيسٽ ميچ هارائيندڙ ٻي ٽيم آهي. ان کان اڳ اهڙي صورتحال صرف زمبابوي سان پيش آئي هئي. سندس موجب شان مسعود ۽ انضمام الحق پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچ 11 هارائيندڙ ڪپتانن مان آهن. دانيال موجب پاڪستان لاءِ مجموعي صورتحال تمام مايوس ڪندڙ آهي. ابو بڪر جي راءِ آهي ته ٻه سال اڳ بنگلاديش خلاف سيريز ۾ شڪست کان پوءِ به ٽيم ۾ بهتري ناهي آئي،  ڪيترن ئي صارفين سوال ڪيو ته ڇا ڪپتان کي ئي ٽيم مان ڊراپ ڪري سگهجي ٿو؟. عرفا فيروز طنزيه انداز ۾ سوال ڪيو ته شان مسعود کي ڪيئن ڊراپ ڪري سگهجي ٿو؟ هو ته تجربيڪار آهي. ٽيسٽ ڪپتان آهن. ڊينيئل اليگزينڊر لکيو ته شان مسعود جو ٽاس کٽي بالنگ ڪرڻ جو فيصلو غلط هو. سندس موجب خراب ڪپتاني کان علاوه شان مسعود جي بيٽنگ به متاثر ڪندڙ نه هئي.