مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي: حج جو خطبو
جُون 27, 2023
رياض (پنهنجي ڊيسڪ) مسجد نمريٰ ۾ شيخ ڊاڪٽر يوسف بن محمد جو حج خطبو، شيخ ڊاڪٽر يوسف حج خطبي ۾ چيو ته منظم ٿي رهڻ ۾ الله جي رحمت ۽ ٽولن ۾ ٿي رهڻ مصيبت آهي، مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي
شيخ ڊاڪٽر يوسف حج خطبي ۾ وڌيڪ چيو ته مسلمانن کي تفرقو ۽ وڇوٽيون پيدا ڪندڙ هر عمل کان پاسو ڪرڻ جو حڪم آهي، شيطان انسانن جي وچ ۾ تفرقو ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري ٿو، جيڪو نيڪي ڪري بدلي ۾ ان سان نيڪي ڪيو
حج جي خطبي کانپوءِ لکين پانڌيئڙن نمريٰ مسجد جي ميدان عرفات ۾ ٻپهري ۽ ٽپهري جي نماز ادا ڪئي، حج جو رڪن اعظم وقوف عرفه شروع ٿي ويو، سانجهي بعد حاجي مزدلفه رونا ٿي ويندا، مزدلفه ۾ مغرب ۽ عشاء جي نماز گڏ ادا ڪئي ويندي
حج پانڌيئڙا مزدلفه ۾ آرام بعد 70 پٿريون جمع ڪندا، وقوف مزدلفه کانپوءِ 10 ذي الحج تي رمي جمرات ڪندا
Finally Hajj Pilgrams headed to Masjid Nimra to performing their part of Hajj Rituals .. Live from #AlekhabriyaTv SaudiArabia Hajj 14444 AD.. Almighty Allah Accept all the Worships of Hajj pilgrams and Almighty Allah written the ours name in dairy for next year Hajj آمین pic.twitter.com/CmXTf5tq6k
— ShEikh MuhaMmad UsAma (@djusama21) June 27, 2023