مسلم ليگ ن پاران گلگت بلتستان جي عام چونڊن لاءِ مشاورت

مسلم ليگ ن پاران گلگت بلتستان جي عام چونڊن لاءِ مشاورت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گلگت بلتستان جي قانون ساز اسيمبلي جي 2026ع جي عام چونڊن لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وزيراعليٰ مريم نواز شريف ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن اجلاس لاءِ آمد تي محمد نواز شريف جو استقبال ڪيو. 23 رڪني پارلياماني بورڊ جو اجلاس پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ بورڊ جي سربراهه محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. پارلياماني بورڊ گلگت بلتستان جي عام چونڊن لاءِ پارٽي جي اميدوارن جي چونڊ ڪئي ويندي.  احسن اقبال، خواجه آصف، سعد رفيق، گلگت بلتستان جي پارٽي صدر حافظ حفيظ الرحمان، پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سينيٽر پرويز رشيد، رانا ثناءُالله ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جي صدر انجنيئر امير مقام سميت گلگت بلتستان جي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن حاجي اڪبر تابان، شمس مير، محمد اشرف سادا، محمد انور، ارمان شاهه، سلطان علي خان ۽ محمد عمران وڪيل به بورڊ جي ميمبرن طور اجلاس موجود هئا.