مسڻ ڀرسان نينگريءَ جو ڦاهو آيل لاش هٿ

مسڻ ڀرسان نينگريءَ جو ڦاهو آيل لاش هٿ

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار لڳ مسڻ ٿاڻي جي حدن اندر 13 ورهين جي نينگري جي گهر مان ڦاهو آيل لاش هٿ آيو آهي. يوسي درياءَ خان مري جي ڳوٺ مير محمد ٿيٻو ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيوفوت ٿيل نينگري جي سڃاڻپ آرتي ڪولهي ڌيءُ ميٺو ڪولهي طور ٿي آهي. آرتي ڪولهي جو لاش گهر اندر ڇت سان لٽڪيل مليو. اطلاع ملندي ئي مسڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پوليس لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ ٽنڊوالهيار اسپتال منتقل ڪيو.  پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار: وارثن موجب آرتي ڪولهي جو ذهني توازن درست نه هو. گھر ڀاتين موجب نينگري اڪثر عجيب غريب حرڪتون ڪندي رهندي هئي.