مس فيلڊ تي بال کي ڪاوڙ ۾ لت هڻڻ سان رانديگر آئوٽ: ميچ برابر

مس فيلڊ تي بال کي ڪاوڙ ۾ لت هڻڻ سان رانديگر آئوٽ: ميچ برابر

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) بال هٿ مان نڪرڻ تي همت سنگهه ڪاوڙ ۾ ان کي لت هڻي ڇڏي جيڪا سڌي اسٽمپ سان وڃي لڳي. دهلي پريميئر ليگ 2026ع ۾ هڪ اهڙو حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو جنهن  ڪرڪيٽ جي شوقينن  کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. نيو دهلي ٽائيگرز جي ڪپتان همت سنگهه آخري بال تي غير معمولي انداز ۾ رن آئوٽ ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي. برسات کان متاثر 15 اوورن جي ميچ ۾ آئوٽر دهلي واريئرز کي جيت لاءِ آخري بال تي صرف هڪ رنس گهربل هئي. بيٽر پرٿم سلوجا بال کي مڊ آف جي طرف کيڏيو ۽ رنس لاءِ ٻڏا، فيلڊ تي موجود همت سنگهه بال پڪڙڻ ۾ ناڪام ويا. بال هٿ مان نڪرڻ تي هنن ڪاوڙ ۾ ان کي لات هڻي ڇڏي جيڪا سڌي اسٽمپ سان وڃي لڳي ۽ بيلز ڪري پيون جڏهن ته بيٽر اڃا ڪريز تائين نہ پهچي سگهيو هو. هن ناقابلِ يقين رن آئوٽ جي ڪري ميچ برابر ٿي وئي ۽ فيصلو سپر اوور تي هليو ويو. جڏهن ته آئوٽر دهلي واريئرز سپر اوور ۾ بهترين راند پيش ڪندي سيشن 2026ع جي پنهنجي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.