مس يونيورس جو تاج محنت نه پر قسمت ڏياريو: روما

مس يونيورس جو تاج محنت نه پر قسمت ڏياريو: روما

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) مس يونيورس 2025ع پاڪستان روما رياض چيو آهي ته مون وڏي محنت ڪئي پر حقيقت اها آهي ته مقابلو کٽڻ قسمت ۾ لکيل هو. 25 سالن جي روما رياض چيو ته مس يونيورس پاڪستان مقابلو ڪافي ڏکيو آهي، شروعات ۾ 51 ڇوڪرين کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو، جن مان 20 کي چونڊيو ويو،   فائنل رائونڊ ۾ رهجي ويل 6 سندرين  مالديپ ۾ مقابلو ٿيو، هن چيو ته هن مقابلي ۾ هر ڪو سخت محنت ڪري ٿو پر مونکي ڪاميابي قسمت ڏياري، روما رياض چيو سوشل ميڊيا تي تبصرا اهميت نٿا رکن. پنهنجي رنگت ۽ وزن تي  تنقيد جي جواب ۾ روما چيو ته هوءَ جيئن آهي، خوش آهي، هر ڇوڪري خوبصورت هوندي آهي، ڪنهن کي به ڪجهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي.