| مس گرينڊ ٿائلينڊ: حسينا جا نقلي ڏند اسٽيج تي ڪري پيا |
بئنڪاڪ (ڪلچرل ڊيسڪ) ٿائلينڊ جي حسن جي مقابلي ”مس گرينڊ ٿائلينڊ“ ۾ تقرير دوران هڪ خاتون اميدوار ڪمولووان چاناگو جا نقلي ڏند اسٽيج تي ڪِري پيا، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ايونٽ دوران پيش آيل اوچتي واقعي سڀني جو ڌيان کي پاڻ ڏانهن ڇڪائي ڇڏيو، دلچسپ ڳالهه اِها هئي ته اميدوار وڏي مهارت ۽ اعتماد سان صورتحال کي سنڀالي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب مقابلي ۾ شامل اميدوار ڪمولووان چاناگو شروعاتي مرحلي ۾ پنهنجو تعارف ڪرائي رهي هئي، انهي دوران سندس ڊينٽل وينيئرز ڪري پيا، جنهن سبب ڪجهه لمحن لاءِ تقريب ۾ خلل پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ هي منظر ججن ۽ موجود ناظرين آڏو پيش آيو پر ڪمولووان چاناگو گهٻرائڻ بدران پرسڪون رهي ، هن ٿوري دير لاءِ مڙي پنهنجا ڊينٽل وينيئرز درست ڪيا ۽ ٻيهر اعتماد سان پنهنجي پرفارمنس جاري رکي.اميدوار جي پراعتماد ۽ پيشيوراڻي رويي حاضرن جون دليون کٽي ورتيون ۽ هال تاڙين سان گونجي اٿيو ،ِ چاناگو ايوننگ گائون ۾ پوز ڏيندي ڪيميرا آڏو مرڪندي پنهنجي پرفارمنس مڪمل ڪئي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي.