مشرقي فلسفو

جُولاءِ 3, 2023

تعارف:

مشرقي فلسفو ھڪ شاھوڪار ۽ مختلف فلسفو آھي، جيڪو قبل مسيح دور ۾ دنيا جي اڀرندي علائقن يعني ايشيا جي ھندستان، چين ۽ جاپان جي روايتن مان ڦٽي نڪتو ھو ۽ اڄ تائين ڪروڙين ۽ اربين ماڻهن جي زندگين تي اثرانداز ٿي رھيو آھي. ھي مختلف فلسفيانه، روحاني ۽ اخلاقي روايتن تي مشتمل آھي، جيڪي ماڻهن کي سچائي، انساني وجود، سياڻپ ۽ روشن خيالي جي دڳ ڏانھن رھنمائي ڪن ٿيون. هن مضمون ۾ ھن فلسفي جي تاريخ، بنيادي تصورن، ٻين مضمونن تي اثر، تنقيد ۽ نتيجي بابت بحث ڪيو ويو آھي.

تاريخ:

مشرقي فلسفي جون پاڙون ھزارين سال آڳاٽي ھندستان، چين ۽ جاپان جي قديم شاندار تھذيبن ۾ کتل آهن. هندستان ۾ ھن فلسفي جا  پيرا ۽ اھم خيالات قديم ويدڪ دور (1500-500 ق.م) جي ڪتابن جھڙوڪ ويدن، اپنشد ۽ ڀڳوت گيتا ۾ ملن ٿا. انهن ڪتابن ۾ اسان کي ڪرما (عمل ۽ نتيجو)، ڌرما (عمل/فرض) ۽ موڪشا (ڄمڻ ۽ مرڻ جي چڪر يعني جوڻ مٽائڻ مان آزادي) بابت لکڻيون ۽ سمجهاڻيون ملن ٿيون، جيڪي ڌرتي توڙي ڪائنات جي سڀني جاندار توڙي بي جان مخلوقات جي تسلسل يعني هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھجڻ، انهن جي مسلسل تبديل ٿيڻ ۽ خود آگاھي يا پاڻ سڃاڻڻ جي عظيم مقصد جي حصول تي زور ڏين ٿيون. چين ۾ ڪنفيوشيس (551-479 ق.م) ۽ لائوزي (ڇھين صدي ق.م) جي تعليمات ھيٺ ڪنفيوشينزم ۽ ڊائوازم (يا تائو-ازم) جو بنياد پيو. ڪنفيوشينزم نظرئي جو زور يا بنياد اخلاقي روين، سماجي هم آهنگيءَ ۽ ابن ڏاڏن جي احترام تي هو؛ جڏهن ته ڊائو ازم جو زور ڊائو يا ڪائناتي روح/آفاقي اصولن سان هم آهنگيءَ ۽ سادگي سان رهڻ تي آھي؛ ڊائو يا تائو اھو ناقابل بيان اصول آهي، جيڪو سڀني وجودن، مخلوقن ۽ تخليقن جو لازمي جزو ۽ روح آھي. جڏھن ته جاپان جي جين-ٻڌمت، بشيدو ۽ شنتو ازم مطابق مراقبي، اعليٰ اخلاقي قدرن، ابن ڏاڏن جي احترام ۽ سڀني شين جي روحن سان ھم-آھنگي وسيلي ذھن ۽ ڪائنات جي سچائين تائين پهچي سگهجي ٿو.

مکيه مفھوم:

مشرقي فلسفو ڪيترن ئي فلسفيانه تصورن ۽ نظرين تي مشتمل آهي، جن مان ڪجهه اهم تصورات ھي آھن:

هندومت: هندومت فلسفي ۾ ھي تصور اھم آھن؛ برهما (مطلق يا حتمي حقيقت)، آتما (روح يا اصلي-پاڻ)، جوڻ مٽائڻ (نئين روپ ۾ ٻيھر جنم وٺڻ) ۽ نجات جا رستا (يوگا جي طريقن سان جسماني ۽ ذھني طاقتون تسخير ڪري زندگي کي معنيٰ ڏيڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ) جھڙوڪ ڪرما يوگا، ڀڪي يوگا، ۽ جنانا يوگا. ھندو ازم ۾ جوڻ مٽائڻ يا وري جنم وٺڻ مان مراد مادو يا روح/شعور غيرفاني آھي جيڪو وقت سان گڏ تبديل ٿيندو رھي ٿو.

ٻڌمت: سدھارٿ گوتم-ٻڌ پاران متعارف ڪرايل ٻڌ ڌرم چار عظيم سچائين (ڏک/پيڙا، ڏک جو سبب، ڏک جو خاتمو، ۽ ڏک جي خاتمي جو سبب)، چوٿين سچائي جي اٺ رستن (يعني ڏک جي خاتمي لاءِ صحيح نظر يا تناظر، صحيح ارادو، صحيح ڳالهه ٻولهه، صحيح عمل، صحيح ڪمائي ۽ گذر سفر، صحيح ڪوشش، صحيح ۽ سرگرم ذھن، ۽ صحيح توجھ)، ۽ ذهن جي مشق يا مراقبي سان زندگيءَ جي مصيبتن کي گهٽائڻ ۽ روشن خيالي يا سچ جي روشنيءَ تائين پھچڻ (نرواڻ-پد حاصل ڪرڻ) جي تعليم ڏئي ٿو.

ڪنفيوشينزم: چيني ڪنفيوشيس جو فلسفو سماجي اخلاقيات، ابن ڏاڏن جي احترام، اخلاق جي آبياري ۽ رسمن ۽ روايتن توڙي مناسب تعلقات جي مشق سان سماجي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏئي ٿو.

ڊائو-ازم: چيني ڊائو-ازم اسان کي پنھنجي زندگي “ڊائو يعني ڪائناتي روح يا قانون” سان هم آهنگيءَ سان گذارڻ ۽ شين جي مسلسل تبديل ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو. ھي هڪ فطري ۽ پاڻ مرادو طريقو آهي، جيڪو انسانن جي اندر يا باطن ۾ نيڪين جھڙوڪ سادگي، تڪڙو ۽ پاڻ مرادو مدد لاءِ اٿي پوڻ ۽ ذاتي رنج ملڻ جي صورت ۾ خاموش رھڻ يا صبر ڪرڻ (وُو وي جي پيروي ڪرڻ يعني ڪو به عمل نه ڪرڻ) جي پرورش ڪري ٿو.

وُو-وي جو ھروڀرو اھو مطلب ڪونهي ته ماڻهو ظلم ئي سھندو رھي پر ان جو مطلب اھو آھي ته ڪائناتي روح مطابق شيون ھڪ حالت ۾ سدائين لاءِ رھڻيون ناھن پر پنھنجي وقت تي تبديل ٿيندڙ آھن، ان ڪري ھروڀرو جي واويلا کان پاسو ڪجي.

جين ٻڌ-ازم، بشيدو ۽ شنتو-ازم: جاپان جا ھي فلسفا ترتيبوار مراقبي؛ ويڙهاڪ زميندار ۽ سميرائي طبقي جي اعليٰ اصولن جھڙوڪ وفاداري، عزت، ذاتي-ضابطي ۽ اخلاقي پيروي؛ ۽ جاپاني قوم جي عام ثقافتي لاڙن جھڙوڪ فطري قوتن، روحن ۽ ابن ڏاڏن جي احترام جي تعليم ڏين ٿا.

ٻين شعبن تي اثر:

مشرقي فلسفي جو ڪيترن ئي شعبن تي گھرو اثر پيو آهي. مذهب ۽ روحانيت جي لحاظ کان ھن جي اثر ھيٺ اوڀر ۾ ڪجھ وڏا مشرقي مذھب جھڙوڪ هندو ازم، ٻڌ ازم ۽ تائو ازم ارتقا ڪري چڪا آھن ۽ سڄي دنيا جي مذهبي منظرنامي تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. يوگا ۽ آڪيو پنڪچر جو واسطو نفسياتي قوت حاصل ڪرڻ ۽ تڪليف گهٽائڻ سان آھي. ان کان سواءِ جاپاني روايت ۾ مراقبو ڪائنات ۽ زندگي جي سچائي تائين پھچڻ جو وسيلو آھي.

نفسيات ۽ ذهانت جي حوالي سان ٻڌمت جا يوگا ۽ مراقبي جا تصور عصر حاضر جي نفسياتي علاج، شعور جي مطالعي، خود آگاهي ۽ ذھني صحت يا تندرستي کي فروغ ڏئي رھيا آھن. دوائن ۽ علاج جي حوالي سان يوگا، آڪيو پنڪچر ۽ آيور ويدڪ علاج جي طريقن جون پاڙون پڻ مشرقي فلسفي ۾ کتل آھن، جيڪي ھاڻي مغرب ۾ به مشھور ٿي رھيا آھن. آرٽ ۽ جماليات جي حوالي سان مشرقي ڪيليگرافي، پينٽنگ ۽ شاعري ھاڻي پنھنجو الڳ وجود، ذائقو، لھجو ۽ اثر ڌاري چڪي آھي. ان کان سواءِ فنون لطيفه ۾ وابي- وابي جو مشرقي تصور (غير ڪامل ھئڻ کي تسليم ڪرڻ) مغربي پوسٽ ماڊرنزم جي ويجهو آھي.

تنقيد:

ھتي اهو نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته مشرقي فلسفو ڪنھن ھڪ نظرئي يا سوچ تي نه پر مختلف قسم جي سوچن ۽ نظرين تي مشتمل آهي، جھڙوڪ هندو مت، ٻڌ مت، ڪنفيوشينزم، ڊائو ازم (يا تائوزم)، جين ٻڌ ازم، بشيدو ۽ شنتو ازم وغيرہ. هنن مان ھر هڪ نظريو پنهنجي منفرد تعليمات ۽ اصولن تي مشتمل آهي. باقي مجموعي تنقيد ۾ سڀ کان پھريون اعتراض سندس ثقافتي تناظر ۽ تعلق جي محدوديت آھي، ڇو ته ھن جا تصور ۽ طريقا مشرقي ثقافت ۽ ٻولي (پراسرار ٻولي: تجريدي تصورن، محاورن ۽ پھاڪن) سان جڙيل آهن،

جيڪي ٻين لاءِ سمجهڻ مشڪل آھن. ٻيو ته ھن جا ما بعد الطبيعياتي تصور جھڙوڪ روحاني، وجداني ۽ مراقبي وسيلي حاصل ٿيل سمجهه موضوعي محسوسات سان تعلق رکي ٿي ۽ پنهنجي دعوائن ۾ سائنسي، تجرباتي ۽ تصديقي ثبوتن ۾ کٽل آھي. ھن تي ٽيون اعتراض سندس اجتماعي مسئلن کان لاتعلق بڻجي مراقبي ۽ روحاني طريقن سان انفرادي اصلاح تي زور ڏيڻ آھي. ڪجهه نقادن جو اھو به خيال آهي ته انفرادي توڙي اجتماعي تڪليفن ۽ مصيبتن جي تناظر ۾ وُو-وي (ماڻھو جي غير فعاليت) سماجي ناانصافين کي ھٿي ڏئي ٿي.

نتيجو:

مجموعي طرح سان مشرقي فلسفو (ھندستان جو  ھندو مت ۽ ٻڌ مت، چائينا جو ڪنفيوشينزم ۽ ڊائو ازم/تائو ازم ۽ جاپان جو جين ٻڌمت، بشيدو ۽ شنتو ازم) قبل مسيح ماضي کان حال تائين سچائي، انساني وجود، روح يا اصلي-پاڻ، ۽ هڪ بامعنيٰ زندگي جي سمجهه ۽ جستجو لاءِ ھڪ منفرد ۽ نئين بصيرت وارو دڳ فراھم ڪري ٿو. سندس بنيادي تصورن مان ھڪ اھو آھي ته ڪائنات جون سڀ شيون ۽ انسان ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل، ھم آھنگي ۽ توازن ۾ آھن.

ھي فلسفو اسان کي انساني محسوسات ۽ تجربن جي عميق ۽ پيچيده دنيا کي سمجهڻ لاءِ مراقبي وسيلي خود آگاھي، شفقت، ھمدردي ۽ موجودہ وقت ۽ حالتن جو شعور عطا ڪري ٿو. ھي فلسفو ھڪ پاسي اسان کي ڪائنات جي وسيع تناظر ۾ ھڪ بامعنيٰ زندگي گذارڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، ته ٻئي پاسي ڪثرت ۾ وحدت، ۽ اختلاف ۾ ھم آھنگي ۽ توازن جو درس ڏئي ٿو.

Leave A Comment