مشهورگلوڪار ساحر بگا جو نئون ميوزڪ وڊيو ‘مستاني’ جاري

مشهورگلوڪار ساحر بگا جو نئون ميوزڪ وڊيو ‘مستاني’ جاري

لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ) مشهورگلوڪار ساحر علي بگا نئون ميوزڪ وڊيو ‘مستاني’ جاري ڪيو آهي ،جنهن ۾ صائمه نور، افشان فواد ۽ ثانيه اقبال شامل آهن. صائمه نور ڊگهي وقفي کانپوءِ اسڪرين تي واپس آئي آهي. افشان فواد جي آواز ٽريڪ ۾ حقيقي رنڌگ ڀريا آهن، بگا جي ڪمپوزيشن ۽ فواد جي آواز جو ميلاپ جادو پيدا ڪري ٿو، ساحر علي بگا وڊيو رليز ٿيڻ وقت چيو ته مستاني دل مان ٺهيل هڪ پراجيڪٽ آهي. اهو ڪلاسيڪل ۽ جديد آوازن جو ميلاپ آهي، اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته ليجنڊ صائمه نوراسڪرين تي پنهنجي خوبصورتي پکيڙي ٿي . هن چيو ته افشان فواد جي آواز گيت کي جلا بخشي آهي