مشهور شاعر ۽ گلوڪار بيدل مسرور جو پٽ ڪراچي مان اغوا

جُولاءِ 19, 2023

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) مشهور شاعر  ۽ گلوڪار بيدل مسرور جو پٽ هنس مسرور ڪراچي ۾ مبينه طور اغوا ٿي ويو

ان حوالي سان بيدل مسرور تصديق ڪندي چيو آهي ته هنس مسرور کي ايف ٽي سي بلڊنگ وٽان ويگو ۾ سوار ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن

سندس چوڻ هو ته سادا ڪپڙا پاتل ماڻهن سان گڏ پوليس اهلڪار به هئا، منهنجي پٽ کي ٽريڊ ڪارپوريشن ۾ رڪارڊ اسڪرين ڪرڻ جو ٺيڪو مليل هو، ان لاءِ ايف ٽي سي بلڊنگ آيل هو

بيدل مسرور ٻڌايو ته ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، منهنجو پٽ بازياب ڪرايو وڃي

Leave A Comment