لاهور: (پنهنجي ڊيسڪ) مشهور قانوندان ايس ايم ظفر لاڏاڻو ڪري ويو آهي، ايس ايم ظفر جي گهر ڀاتين سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي
مرحوم مشهور قانوندان ۽ سينيٽر علي ظفر جو والد هو، گهر ڀاتين موجب ايس ايم ظفر ڪافي وقت کان بيمار هو، مرحوم جي عمر 93 سال هئي
مرحوم 1975ع ۾ صدر لاهور هاءِ ڪورٽ چونڊيو هو ۽ 1979 ۾ سپريم ڪورٽ بار جو صدر پڻ چونڊيو ويو هو
ياد رهي ته مشهور قانوندان ايس ايم ظفر تمام گهڻا اهم ڪيس وڙهيا ۽ انهن ۾ کيس ڪاميابي ملي، مرحوم ايس ايم ظفر 6 ڊسمبر 1930ع تي رنگون برما ۾ پيدا ٿيو
سينئر ايڊووڪيٽ ۽ اڳوڻي قانون واري وزير ايس ايم ظفر ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا هئا ان کان علاوه هو قومي ۽ عالمي معاملن تي ملڪي ۽ غير ملڪي اخبارن ۽ ميگزينن ۾ مضمون به لکندو رهيو
ايس ايم ظفر 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران پاڪستان جو قانون وارو وزير هو، 19 ڊسمبر 1965ع تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪونسل ۾ هن جنگبندي جي قرارداد کي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ سان مشروط ڪرايو
ايس ايم ظفر گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪميشن کي به خطاب ڪيو، ايس ايم ظفر 35 سالن جي عمر ۾ ايوب ڪابينه ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن جو مرڪزي وزير بڻيو
ڪيترن ئي اهم ملڪي ۽ عالمي ڪيسن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي هو، 2003 کان 2012 تائين سينيٽ جو ميمبر پڻ رهيو
ان کان علاوه هن 2004 کان 2012ع تائين همدرد يونيورسٽي جي چانسلر جون ذميواريون به ادا ڪيون، ايس ايم ظفر کي 2011 ۾ صدارتي ايوارڊ نشان امتياز سان پڻ نوازيو ويو هو